SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Kellogg-Briand Pact

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kellogg
  • briand
  • pækt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Kellogg-Briand Pact

ڪيلاگ برائن پيڪٽ

ڪيلاگ- برائن معاهدو

هن معاهدي کي ’جنگ مخالف عمومي معاهدو‘ (General Treaty for Renunication of War) به چوندا آهن. هي معاهدو 1928ع ۾ پهريائين 15 ملڪن جي وچ ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ 68 ميمبر ان جو حصو بڻيا. معاهدي کي فرانس جي پرڏيهي وزير ’برائن‘ (Briand) ۽ آمريڪا جي پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽري ’ڪيلاگ‘ (Kellogg) ترتيب ڏنو ۽ ٻنهي وڌ کان وڌ ڪوششون وٺي، آمريڪا کي ”ليگ آف نيشنز“ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪيو. ان کان اڳ جيئن ته آمريڪا بين الاقوامي سياست کان پاڻ کي پاسي رکيو هو، ان ڪري ”ليگ آف نيشنز“ ۾ به ان ابتدائي مرحلي ۾ شموليت اختيار نه ڪئي هئي. هن معاهدي جا هونئن ته ٻه مک مقصد ڄاڻايا ويا هئا:
(1) معاهدي ۾ شامل ملڪ هڪٻئي خلاف جنگ بند ڪن ۽
(2) هر مسئلي جو حل صلح سانت سان ڳولجي. پر انکان علاوه سندن اتحاد ۾ شامل جن ملڪن کي پرڏيهي حملي جو خطرو هيو ته انهن کي آٿت ملي ته جرمني يا ڪنهن ٻئي مُلڪ طرفان اچانڪ حملي جي صورت ۾ ”ليگ آف نيشنز“ ۾ شامل ملڪ ميمبر اُن ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۾ ساٿ ڏيندا. آمريڪا پنهنجي شموليت کي انهيءَ سوچ تحت جاري رکيو ته جيئن ان سان بين الاقوامي تعلقات وڌن ۽ جيڪڏهن ڪن مُلڪن لاءِ ڪي سيڪيورٽي جا مسئلا يا خدشا هُجن ته انهن کي به ختم ڪجي. ٻئي پاسي آمريڪا کي هن معاهدي تي ڪجهه اعتراضات به هئا، انهيءَ ڪري هن معاهدي ۾ سندس شموليت ڪجهه شرطن جي بنياد تي ٿي. هي معاهدو گهڻو وقت نه هلي سگهيو، ڇاڪاڻ ته دنيا مان جنگ جي خاتمي جون ڪوششون مسلسل ناڪام پئي ويون. ان عرصي دوران جپان، منچوريا تي، اٽليءَ، ايٿوپيا تي ۽ جرمنيءَ، پولئنڊ تي قبضو ڪيو، ۽ Kellogg- Briand Pact تحت ٿيل اتحاد، انهن قبضن کي روڪي نه سگهڻ جي ڪري پنهنجو اثر وڃائي ويٺو


Remember Me Also:

لڏو لاهڻ

لَڏو لاهِڻ

گهر ڪري ويهڻ. ٻئي تي بار ٿي ڪِرڻ. همت هارڻ، بزدل ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal